جيڪب آباد( ن سنڌيار) جي يو آئي پاران شھر جی بنیادی مسئلن پیئڻ جي پاڻي جي کوٽ،گندگي، ميگا ٽف ٽائيلن ۽ نالين جو ڪم ناقص ڪرڻ خلاف دفتر کان پريس ڪلب تائين مظاهرو، شهر ۾ گشت نعرا، پاڻي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا نعرا، ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو خبر موجب جمعيّت علماء اسلام پاران هڪ احتجاجي مظاهرو شھر جي بنيادي مسئلن پیئڻ جي پاڻي جي کوٽ، گندگي، ناقص ٽف ٽائلس ۽ ناڪاره ميگا نالين جي اسڪيم جو ڪم ٿيڻ، گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ ان جي نئين اسڪيمن جو ڪم سست روي ان هلڻ خلاف جي يو آء جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري ،مولانا عبدالجبار رند ،چاڪر خان جکراڻي، تاج امروٽي، عبدالله نوناري ۽ ٻين اڳواڻي ۾ دفتر جي يو آء کان پريس ڪلب جيڪب آباد تائين ڪڍيو ويو. مظاهري ۾ شهرين ۾ ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، ميگا گئس، نالين ۽ ٽائيلس اسڪيمن جو ناقص ڪم نامنظور، لوڊشيڊنگ نامنظور جهڙا نعرا هنيا، بعد مظاهرين شهر جي مختلف رستن تي مارچ ڪري نعري بازي ڪئي بعد شهر جي اهم ڊي سي چوڪ ۽ پريس ڪلب ۽ ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻا هنيا ان موقعي تي مقررين چيو ته جيڪب آباد لاوارث شهر بڻجي ويو آهي 44 ارب جون ميگا اسڪيمن جا پئسا ھڙپ ڪيا ويا، 2ارب روپين جي صاف ۽ مٺي پاڻي جي اسڪيم پوري ٿيڻ باوجود گندگي سان ڀريل پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي، ٿيندڙ نالين ۽ روڊن جو ميگا ٽف ٽائيلس جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل، غلط ڊزائينگ ۽ صحيح پلاننگ نه هجڻ سبب ناڪاره ڪم ٿي رهيو آهي انهن ڪمن جي ڪابه نگراني نه ٿي آهي ٽف ٽائيلس جي صحيح ليول به نه آهي ۽ ڪوالٽي جو نه هجڻ سبب ناقص نالين ۽روڊ اسٽيٽ ٺاهي ٿوري برسات سان روڊن تي پاڻي جا دريا نظر اچن ٿا ۽ آفيسرن جو ٿيندڙ ڪم تي ڪو وزٽ ناهي، ھر طرف گندگي جا ڍير لڳل آهن هنن چيو ته شهر جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن نه ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.










