لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي جيل ٽرائل لاءِ نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب، جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۽ 9 مئي جي ڪيسن جو ٽرائل هاڻي اڊيالا جيل جي بدران دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت راولپنڊي ۾ ٿيندو. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت پاران هڪ نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي باني کي ضرورت مطابق وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪيو ويندو.ذريعن موجب، جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۽ ٻين ڪيسن ۾ باقي جوابدار اي ٽي سي راولپنڊي ۾ پيش ٿيندا.دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت راولپنڊي جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي باني جي وڪيل فيصل ملڪ چيو ته اڄ 9 مئي جي 11 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس سميت ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.وڪيل فيصل ملڪ چيو ته جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ عدالت چيو ته نوٽيفڪيشن اچي رهيو آهي، اسان کي ٻڌايو ويو ته جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جيل کان ٻيهر اي ٽي سي راولپنڊي اچي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جي باني کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.فيصل ملڪ چيو ته اسان عدالت ۾ درخواست ڏئي رهيا آهيون ته پي ٽي آءِ جي باني کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، اسان پنجاب حڪومت جي اهڙي نوٽيفڪيشن کي رد ڪريون ٿا.










