واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)سربيا جي ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين نه ملڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪو ٽورنامينٽ ۾ شرڪت کان روڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب نواڪ جوڪووچ انڊيانا ويلز ۽ ميامي ۾ ماسٽرز 1000 ايونٽس ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.ماسٽرز 1000 ايونٽس 6 ۽ 20 مارچ تي شروع ٿيندا، جوڪووچ مسلسل ٻئي سال ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي ويو.10 اپريل تائين آمريڪا ۾ پرڏيهين لاءِ ويڪسينيشن جو ثبوت لازمي آهي.ياد رهي ته گذريل سال نوواک جوڪووچ کي به ويڪسين نه هجڻ تي آسٽريلين اوپن ۾ شرڪت کان روڪيو ويو هو.










