جوابدار ايم پي اي آهن، متان منهنجي خلاف به ايف آءِ آر کڻي اچن

جوابدار ايم پي اي آهن، متان منهنجي خلاف به ايف آءِ آر کڻي اچن

دادو (رپورٽر) ام رباب چانڊيو جي 3گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي فريادي پرويز احمد چانڊيو کان جوابدار ڌر جي وڪيلن پاران 4 ڪلاڪن تائين جرح ڪئي وئي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته جن ڳالهين جا خدشا هئا اهي سچ ثابت ٿيا آهن، سردار چانڊيو وارن چاچي ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو خلاف اينٽي ڪرپشن جا نوٽيس عدالت ۾ پيش ڪيا اسان کي اينٽي ڪرپشن جو نوٽيس ناهي مليو پر جوابدار ايم پي ايز اُهو نوٽيس عدالت ۾ پيش ڪيو، ٻئي جوابدار ايم پي ايز آهن، ٿي سگهي ٿو ته منهنجي خلاف به ايف آءِ آر کڻي پيش ڪن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو