واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)برطانوي-آمريڪي اداڪارا سوفي ٽرنر ۽ آمريڪي ڳائڻي جوئي جونز شادي جي 4 سالن کانپوءِ الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب 34 سالن جي جوي جونز 27 ورهين جي سوفي ٽرنر کان طلاق لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب سوفي ٽرنر ۽ جوئي جونز جا لاڳاپا گذريل 6 مهينن کان خراب هئا، جڏهن ته گذريل ڏينهن ٻنهي کي پنهنجي شادي جي انگن اکرن ۾ ڏٺو ويو هو.رپورٽن مطابق ٻنهي شخصيتن وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي آخري آپشن طور طلاق جو طريقو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب سوفي ٽرنر ۽ جوائي جونز جي پهرين ڌيءَ 2020ع ۾ پيدا ٿي، جڏهن ته ٻي ڌيءَ 2022ع ۾ پيدا ٿي.واضح رهي ته سوفي ٽرنر ۽ جوي جونز جي شادي مئي 2019 ۾ سادگي سان ٿي هئي جڏهن سوفي ٽرنر جو مشهور ڊرامو گيم آف ٿرونز پڄاڻي تي پهتو هو.










