ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳوان فياض الحسن چوهاڻ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شهباز شريف ۽ جهانگير ترين جي ملاقات مخدوم احمد محمود جي گهر ٿي هئي. جيو نيونز جي مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته آل شريف ڀروسي ڳوڳا نه آهن ۽ مان جهانگير ترين کي مشورو ڏيندس ته هو سوچي سمجهي فيصلو ڪري. هن وڌيڪ چيو ته جهانگير ترين اسانجي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي بهتر ڪم ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن جي عدم اعتماد جي تحريڪ نه ايندي، هو رڳو ڳالهيون پيا ڪن. هن دعويٰ ڪئي ته مسلم ليگ ن جا 15 ايم پي اي اسانکان ٽڪيٽون گهرن پيا.










