جنگبندي جي توثيق کان انڪار، تازي اسرائيلي بمباري ۾71 فلسطيني شهيد

جنگبندي جي توثيق کان انڪار، تازي اسرائيلي بمباري ۾71 فلسطيني شهيد

غزا(ويب ڊيسڪ)الجزيرا جي رپورٽ موجب جنگبندي جي اعلان بعد به اسرائيل جي بمباري ۾ 71 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. فوتين ۾ 21 ٻارڙا ۽ 25 عورتون شامل آهن. رپورٽ موجب جنگبندي جي اعلان جي توثيق لاءِ گهرايل اسرائيلي ڪابينا جو اجلاس بن يامين نيتن ياهو اهو چئي ملتوي ڪيو ته حماس ڪجهه شقن کي نٿي مڃي. حماس سندس موقف رد ڪندي چيو آهي ته ٽياڪڙن يعني ثالثن پاران اعلانيل ڊيل تي اسين ڪاربند آهيون ۽ ڪنهن به شق جي خلاف نه آهيون. اسرائيلي اخبار هرٽز غز جي صحت واري وزارت جي حوالي سان رپورٽ ڪيو هي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 81 فلسطيني شهيد ۽ 188 زخمي ٿي پيا آهن. غزا م تازي اسرائيلي بمباري بعد جشن سوڳ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. اسرائيلي فورسز گذريل رات غزا ۾ 50 جاين تي بمباري جي تصديق ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته گذريل سال 7 آڪٽوبر واري حملي ۾ ملوث حماس شدت پسند حشام ذهادي ابو الرئوس جي موجودگي تي هڪ جاءِ تي بمباري ڪئي وئي. جڏهن ته حماس جو چوڻ آهي ته پناهه گيرن جي هڪ اهڙي ڪيمپ تي حملو ڪيو ويو اهي جتان اسرائيلي فوجي عورتون رليز ٿيڻ واريون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو