جنگبندي جي آڇ تي حماس جو جواب قبول ناهي، آمريڪا

جنگبندي جي آڇ تي حماس جو جواب قبول ناهي، آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ اوڀر لاءِ خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف چيو آهي ته جنگ بندي جي آڇ تي حماس جو جواب ناقابل قبول آهي، ۽ حماس کي جنگ بندي جي تجويز کي قبول ڪرڻ گهرجي. اسرائيلي وزيراعظم چيو آهي ته حماس آمريڪا پاران پيش ڪيل جنگ بندي جي تجويز کي رد ڪري رهيو آهي، ۽ اسرائيل يرغمالين جي واپسي ۽ حماس کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪارروائي جاري رکندو.ٻئي طرف، حماس جي هڪ سينئر عهديدار چيو ته اسان جنگ بندي جي تجويز کي رد نه ڪيو، ۽ آمريڪا جي جنگ بندي جي تجويز تي اسرائيل جو جواب متضاد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو