جناح هائوس حملي ڪيس ۾ عليما ۽ عظميٰ جي ضمانت ۾ واڌ

جناح هائوس حملي ڪيس ۾ عليما ۽ عظميٰ جي ضمانت ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس حملي ڪيس ۾ عليما خان ۽ عظميٰ خان جي عبوري ضمانت ۾ 6 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.عدالت زين قريشي جي عبوري ضمانت ۾ 4 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.عليما خان، عظميٰ خان ۽ زين قريشي جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.عدالت ۾ جوابدارن جي وڪيل چيو ته روڊ بلاڪ آهن، جنهن سبب درخواستگذار عدالت ۾ نه اچي سگهيا.اي ٽي سي جج چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدار پيش نه ٿيا ته درخواستون رد ڪندا. جاچ آفيسر ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج منظر علي گل جناح هائوس حملي ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو