ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ بدترين لوڊشيڊنگ، مهانگي بجلي ۽ اووربلنگ خلاف جمعي 3 جولاءِ تي سڄي صوبي جي 400 هنڌن تي احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته آءِ پي پيز سان ڪيل مهانگا معاهدا فوري طور ختم ڪيا وڃن، بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ۽ عوام کي ترت رليف فراهم ڪيو وڃي. جيڪڏهن عوام کي رليف نه ڏنو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.اهڙو اعلان جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ قبا آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالقدوس احمداڻي، مولانا آفتاب احمد ملڪ، معاونِ خصوصي زاهد حسين راڄپر، سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ موجود هئا. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جو عوام ڪرپشن، مهانگائي، پاڻي جي شديد کوٽ، بدامني، ڌاڙيل راڄ، بجلي ۽ گيس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سميت بنيادي سهولتن جي کوٽ جهڙن سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ملڪ کي لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو روينيو، 72 سيڪڙو گيس، 58 سيڪڙو تيل، ٿر ڪوئلو، گرينائيٽ، ماربل ۽ اهم واپاري بندرگاهون فراهم ڪندڙ صوبي جا ماڻهو اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻي، موٽروي ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. بجيٽ سميت سنڌ جي وسيلن تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو آهي. سنڌ جا لڳ ڀڳ 78 لک ٻار تعليم کان محروم آهن، جڏهن ته ٿر ڪوئلي مان بجلي پيدا ٿيڻ باوجود صوبي جي مختلف علائقن ۾ روزانو 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ معمول بڻجي چڪي آهي، جيڪا سنڌ جي عوام سان سراسر ناانصافي آهي. بجلي ۽ گيس جي کوٽ عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، ڪاروبار تباهه ٿي رهيا آهن ۽ شاگردن جي تعليم پڻ سخت متاثر ٿي رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته تازن ڏينهن ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ هلڪي مٽيءَ جي طوفان کان پوءِ ڪيترن ئي ضلعن ۾ هڪ هفتي تائين بجلي بند رهي، جنهن سبب عوام سخت تڪليفن کي منهن ڏنو. جڏهن ته ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ جي صورت ۾ به شهري دربدر ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت چندو گڏ ڪري ٽرانسفارمر تبديل ڪرائڻ تي مجبور ٿين ٿا. ظلم جي انتها اها آهي جو لائن لاسز ۽ بجلي چوري جو بار به لوڊشيڊنگ ۽ اضافي بلن جي صورت ۾ ايماندار صارفين تي وڌو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو پاران ناجائز ڊيٽيڪشن بلن ۽ اووربلنگ وسيلي عوام کي مالي مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پاڪستان جي مجموعي بجلي پيداوار ۾ لڳ ڀڳ 30 کان 35 سيڪڙو حصو ڏئي ٿو، پر ان جي باوجود صوبي جو عوام مهانگي بجلي ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ برداشت ڪرڻ تي مجبور آهي. آءِ پي پيز سان ٿيل مهانگا معاهدا، ڪيپيسٽي چارجز، لائن لاسز ۽ ڊالرن ۾ ادائيگين سبب بجلي جي اگهن ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن جو بار عوام سان گڏ صنعتن تي پڻ پئجي رهيو آهي جڏهن ته بجلي اڃان وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جون تياريون پڻ جاري آهن. نيپرا جي انگن اکرن موجب آءِ پي پيز کي هر سال لڳ ڀڳ 3400 ارب رپين جون ادائيگيون ڪيون وڃن ٿيون، جڏهن ته في يونٽ اوسط ٽيرف 36 رپيا ۽ ڪيپيسٽي پيمنٽ لڳ ڀڳ 18 رپيا في يونٽ وصول ڪئي پئي وڃي.جماعت اسلامي سنڌ مطالبو ڪيو ته آءِ پي پيز سان ٿيل مهانگا معاهدا فوري طور ختم ڪيا وڃن، بدترين لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو وڃي، اووربلنگ بند ڪئي وڃي، لائن لاسز ۽ بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن، بيوروڪريسي ۽ سرڪاري ادارن ۾ مفت بجلي جي سهولت ختم ڪئي وڃي، جڏهن ته توانائي جي بحران جي مستقل حل ۽ سستي بجلي جي فراهمي لاءِ ٿر ڪوئلي ۽ ونڊ پاور ذريعي بجلي جي پيداوار ۾ واڌ ڪئي وڃي. اڳواڻن چيو ته 3 جولاءِ تي ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن کي جماعت اسلامي جا صوبائي، ضلعي ۽ مقامي اڳواڻ خطاب ڪندا ۽ عوام جا مطالبا ڀرپور نموني حڪومت آڏو پيش ڪيا ويندا.صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ بدين جي علائقي کوسڪي مان سماجي اڳواڻ ۽ جماعت اسلامي جي ڪارڪن علي اڪبر ڀوت جي جبري گمشدگي ۽ مٿس منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪاررواين لاءِ پوليس کي سياسي مقصدن خاطر استعمال ڪري رهي آهي، جنهن سبب پوليس جو عوامي اعتماد ختم ٿيندو پيو وڃي. هن آءِ جي سنڌ کان پُرزور مطالبو ڪيو ته پوليس کي سياست کان پاڪ ڪيو وڃي.#










