ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان 28 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي چيو ته هڙتال مهانگائي، بجلي جي بلن ۽ ظالماڻي ٽيڪسن جي خلاف ڪئي ويندي. جماعت اسلامي جي امير ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، نوازشريف صرف 2 مهينن جي لاءِ پنجاب ۾ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته جماعت اسلامي جي ڌرڻي جي دٻاءُ جي نتيجي ۾ حڪمران مجبور ٿيا، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رليف پوري پاڪستان کي ملڻ گهرجي، پنجاب ۾ بجلي سستي ٿي سگهي ٿي ته سنڌ ۾ ڇو نه. هن چيو ته وفاق جو نظام ڪراچي کان جمع ٿيندڙ ٽيڪس سان هلندو آهي، پاڪستان ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس ڪراچي ڏئي ٿو، هتي بجلي جا پئسا ڇو گهٽ نٿا ٿي سگهن.حافظ نعيم الرحمان چيو ته سنڌ حڪومت جو 3 هزار جو بجيٽ آهي. 1895 ارب وفاق کان ملندا آهن پر ان باوجود سنڌ حڪومت رليف ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ مافيا مهانگي بجلي ٺاهيندو آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي وچ مان ڪڍي ڪراچي کي پوري بجلي ڏئي سگهجي ٿي، مهانگي بجلي ۽ ٽيڪسز سان ڪوبه طبقو خوش نه آهي.حافظ نعيم الرحمان وزيراعظم شهباز شريف کان مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ ٽيرف ۾ تبديليون آڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته واپاري ۽ پگهاردار طبقو سخت پريشان آهي، بجلي جون قيمتون گهٽ ٿيڻ گهرجن، آءِ پي پيز جي ڪيپسٽي قوم ادا نه ڪندي.هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ معاشي حالتون سڀني جي سامهون آهن، حڪومتي پارٽين پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، اسان جي ٽيڪسن جي پئسن سان اربين روپين جا اشتهار ڏنا پيا وڃن، ماڻهو ايل پي جي خريد ڪرڻ لاءِ پريشان هوندا آهن. جماعت اسلامي جي امير 28 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي چيو ته اڄ حڪومت سان معاهدي کي 36 ڏينهن رهجي ويا، اسان مزاحمت جاري رکنداسين ۽ معاهدي تي مڪمل عمل ڪرائينداسين.










