جلال پو ر ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن خلاف سموري سنڌ ۾ ريليون

جلال پو ر ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن خلاف سموري سنڌ ۾ ريليون

ڪنڌڪوٽ (ن س): جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) پاران پنجاب ۾ سنڌو درياءُ مان جلالپور ڪئنال، چولستان ڪئنال ۽ ٻيا متنازعه ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف پريس ڪلب اڳيان هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ مقامي عهديدارن ۽ مرڪزي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ۽ ارسا ملي ڀڳت ڪري سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ نوان ڪئنال اڏي رهيا آهن، جيڪو سنڌ جي معيشت ۽ زراعت کي تباهه ڪرڻ جو وڏو حربو آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ اڳ ئي پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، ان جي باوجود چولستان ۽ جلالپور ڪئنال جهڙا غير قانوني منصوبا شروع ڪري سنڌو درياءُ کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن چيتاوني ڏني ته جيڪڏهن اهي پراجيڪٽس فوري طور تي بند نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ دمادم مست قلندر ڪيو ويندو ۽ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ريلي جي آخر ۾ مظاهرين پاران سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو