طورخم (ويب ڊيسڪ)ايف آءِ اي اميگريشن عملي طورخم بارڊر تي ڪارروائي ڪندي جعلي ڪاغذن تي پاڪستان ايندڙ 5 افغان مسافرن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.ايف آءِ اي ترجمان موجب، هڪ عورت سميت 3 مسافر پنهنجي هم منصب جي پاسپورٽ تي پاڪستان آيا هئا.ترجمان چيو ته چوٿين مسافر جي پاسپورٽ تي جعلي اميگريشن اسٽيمپ لڳل هئي، جڏهن ته پنجين مسافر وٽ سفري دستاويز نه هئا.










