اسلام آباد: (بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ ججز مقرري واري معاملي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال کي خط لکي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز چيو ته پاڪستان بار ۽ سپريم ڪورٽ بار سميت جوڊيشل ڪميشن ميمبرن ڪيترائي ڀيرا رولز ۾ ترميم جو مطالبو ڪيو. ججز مقرري ۾ سينارٽي، ميرٽ ۽ قابليت کي ڏسڻو پوندو آهي پر سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ جي جڳهه جونيئر جج کي مقرر ڪيو ويو.هن ٻڌايو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار اهو چئي جونيئر ججز کي مقرر ڪيو ته سينئر ججز پاڻ نٿا اچڻ چاهين پر هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سينئز ججز اهڙين ڳالهين جي ترديد ڪئي آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس گلزار احمد به سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سينئز ججز کي نظر انداز ڪيو. خط جي ڪاپي ٻنهي اڳوڻن چيف جسٽس ڏانهن به اماڻي رهيو آهيان. بطور جوڊيشل ڪميشن جي ميمبر اڳوڻي جج جسٽس مقبول باقر به ان راءِ کي نظر انداز ڪيو. جسٽس قاضي فائز چيو ته جوڊيشل ڪميشن رولز ۾ ترميم لاءِ قائم ڪميٽي جي اڄ تائين ڪابه راءِ ناهي آئي. جوڊيشل ڪميشن اجلاس ان ڪيمره نه ٿيڻ گهرجي، ججز مقرري لاءِ اجلاس بابت عوام کي خبر هجڻ گهرجي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رجسٽرار سپريم ڪورٽ جواد پال جي سيڪريٽري جوڊيشل ڪميشن هجڻ تي اعتراض اٿاريندي چيو ته رجسٽرار سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازم آهي جنهن جي وزيراعظم هائوس مان مقرري ٿي. ان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس پارٽي جي ڪيسن کي فوري طور تي مقرر ڪرايو. جيڪي ڪيس عمران خان يا تحريڪ انصاف خلاف داخل ٿيا اهي ڄاڻي واڻي مقرر نه ڪيا ويا. اوڌر تي ورتل رجسٽرار ٻين قابل آفيسرن جي اهليت تي سوال اٿاريو آهي.










