جسم پاران منشيات جا اڏا بند ڪرائڻ لاءِ احتجاج

جسم پاران منشيات جا اڏا بند ڪرائڻ لاءِ احتجاج

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)جيئي سنڌ محاذ پاران منشيات ۽ سماجي براين خلاف اسٽيشن کان پريس ڪلب تائين  احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ جهنڊا هئا جيڪي منشيات بند ڪريو جازوردار نعراه هڻي رهيا هئا ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ ٽنڊو محمد خان جي ضلعي صدر زاهد جسڪاڻي عرس ملاح قادر شورو مختيار علي خاصخيلي هاشم حاجاڻو  ۽ ٻين چيو ته ضلعي اندر منشيات فروش عوام لا۽ ناسور بڻجي ويا آھن پوري ضلعي ۾منشيات عام ٿي وئي آھي نوجوان نسل تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي آھي مظاهرين وڌيڪ چيو ته اسان مسلسل نوجوان طبقي جي بچاءَ لا۽ جدوجهد ڪري رهيا آھيون پر منشيات بند نٿي ڪئي وڃي مين پڙي سميت سفينا چرس آفيم  آئيس ضلعي اندر عام ٿيندي پئي وڃي انساني جانيون خطري ۾ آھن  اڳواڻن ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان مطالبو ڪندي چيو ته بنادير منشيات فروشن خلاف ڪاروائي ڪري منشيات بند ڪرائي وڃي  اسان وٽ هرهڪ منشيات فروش جي لسٽ پڻ موجود آھي اگر انهن خلاف ڪاروائي نه ڪئي وئي ته اسان ڪورٽ ۾منشيات فروشن خلاف پٽيشن داخل ڪرائينداسين ۽ ٻئي صورت ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو