اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته آئين يا قانون موجب جج ۽ جرنيل پلاٽ يا زمين الاٽ ڪرڻ جا حقدار نه آهن. اهڙو اظهار هن خميس تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم خلاف اپيل منظور ڪندي ڏنل فيصلي ۾ لکيل اضافي نوٽ ۾ ڪيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 9 سيپٽمبر 2018 تي اسلام آباد جي سيڪٽر ايف 14 ۽ ايف 15 ۾ وفاقي حڪومت جي هائسنگ اسڪيمز کي غير قانوني قرار ڏنو هو جنهن خلاف حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي هئي. اپيل جو فيصلو 4 ججن تي مشتمل بينچ 8 آڪٽوبر خميس تي اوپن ڪورٽ ۾ ٻڌائيندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو. جسٽس فائز عيسيٰ اضافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته ججن کي قانون سازي جو اختيار ناهي پر جيڪڏهن ڪو قانون آئين جي خلاف آهي ته ان کي ختم ڪري سگهن ٿا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏنو هو ان ۾ لکيو هو ته وفاقي حڪومت جي هائوسنگ اسڪيمز مان فائدو حاصل ڪندڙ، سڃي ملڪ، ڪشمير ۽ گلگت جي اعليٰ عدالتن جا حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ جج ۽ سرڪاري ملازم شامل آهن ان ڪري ان کي رد ڪجي ٿو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ججن جي پگهار، پينشن ۽ رعايتن واري مينوئل، آئين ۽ قانون جو تفصيلي ذڪر ڪندي چيو ته ان ۾ ڪٿي به لکينل ناهي ته اعليٰ عدالتن جا جج پلاٽ يا ذمين جا حقدار آهن. هن لکيو آهي ته عدليه جي آزادي عوام جي نظر ۾ ان جي ساک کي يقيني بنائڻ لازم ۽ ملزوم آهي ۽ ايگزيڪيٽو (حڪومت) پاران ججن کي پلاٽ ڏيڻ سان رعايت جو تاثر پيدا ٿئي ٿو. تنهن ڪري جج ڪنهن فائونڊيشن يا ڪٿان به پلاٽ وٺڻ جا حقدار ناهن. جسٽس عيسيٰ وڌيڪ لکيو آهي ته هٿياربند فوجن جي ملازمن بابت مختلف قانون لاڳوآهن پر انهن ۾ به ڪٿي فوجي آفيسرن کي پلاٽ، زمين جو ٽڪڙو يا زرعي ايراضي ڏيڻ يا وصول ڪرڻ جي ڪا اجازت ناهي. هن افسوس ظاهر ڪندي چيو آهي ته ان جي باوجود سينئرفوجي آفيسرن کي پلاٽ ۽ زرعي ايراضي ملي وڃي ٿي ۽ جيئن جيئن سندن رينڪ ۾ واڌ ٿئي ٿي ته کين اضافي پلاٽ ۽ ايراضي ملي ٿي. جسٽس فائز عيسيٰ ياد ڪرايو آهي ته پاڪستان ٺهڻ بعد جنرل ايوب جي آرمي چيف ٿيڻ کان اڳ پاڪستاني آرمي جا ٻه برطانوي آرمي چيف رهيا.جڏهن جنرل گريسي آرمي چيف هو ته ايوب خان هن وٽ زمين الاٽ ڪرڻ لاءِ درخواست کڻي ويو هو ته جنرل گريسي کيس ڇنڊ پٽي هئي پر ستم ظريفي اها آهي ته پاڪستان جي سرزمين برطانوي جنرل پاڪستان ڄائي کان بچائي هئي. بعد ۾ فوج ۾ رعايتي ريٽ تي پلاٽ ۽ زمين جي فراهمي کي قابل قبول بڻايو ويو. هن اڳوڻي آرمي چيف جنرل آصف نواز جنجوعه جي ڀاءُ شجاع نواز جنجوعه جي تازي لکيل ڪتاب ‘متحده پاڪستان، ايڪ ملڪ ڪو ڪيسي توڙا’ جو حوالو ڏيندي چيو ته فوج ۾ پلاٽ الاٽ ڪرڻ عام ٿي ويو ۽ ان سان نئين ‘استحقاق جي ثقافت’ جنم ورتو، جيڪا فوجي ۽ سول بيوروڪريسي ۾ شامل ٿي ۽ پاڪستان ۾ گهر ڪري وئي. جسٽس عيسيٰ اضافي نوٽ ۾ چيو آهي ته سول سروسز ۽ آرمڊ فورسز سروسز وارا ٻئي پاڪستان جي خدمت ڪن ٿا ۽ آئين ۾ ٻنهي جي خدمتن ۾ ڪو فرق ناهي ڪيل، آئين يا قانون جڏهن فوجي آفيسرن کي پلاٽ يا ايراضي حاصل ڪرڻ جو حق نٿو ڏئي، ان جي باوجود پاڪستان جي خدمت جي نالي ۾ جيڪڏهن فوجي آفيسرن کي پلاٽ ۽ ايراضي ڏني وڃي ۽ سول سروس جي ملازمن کي نه ملي ته اهو هڪ فرق وارو رويو آهي ۽ ان سان برابري وارو بنيادي حق مجروح ڪيو ٿو وڃي. جسٽس فائز عيسيٰ اضافي نوٽ م لکيو آهي ته مالي سال 2020-2021 جي بجٽ م پينشن جي مد ۾ 470 ارب روپيا خرچ رکيو ويو آهي، جنهن مان 111 ارب سويلن مالزمن جي پينشن ۽ 359 ارب روپيا هٿيار بند فوج جي ريٽائرڊ ملازمن تي خرچ ٿيندا. پينشن واري لاڳت سول حڪومت هلائڻ واري بجٽ يعني 476 ارب جي تقريبن برابر آهي ۽ اها رقم پاڪستاني عوام ادا ڪري ٿو. جسٽس عيسيٰ افسوس ظاهر ڪندي لکيو آهي ته پينشن سان گڏ سرڪاري ايراضي به وصول ڪئي وڃي ٿي جيڪا سراسر غير منصفاڻو عمل آهي. پاڪستان مقروض ملڪ آهي ۽ ماڻهو ان جي ادائگي لاءِ وڏي رقم ادا ڪن ٿا. هن وڌيڪ لکندي افسوس ظاهر ڪيو ته اشرافيه جي ڪرپشن هڪ ‘هڪ شڪاري رياست’ پيدا ڪئي آهي، جنهن ۾ نجي ۽ عوامي مفاد ۾ فرق کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.










