اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس محسن اختر ڪياني وڪيلن جي هڙتال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته ججز به نااهل آهن ۽ عدالتون به مرده ٿي ويون آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي هڙتال بابت اهم ريمارڪس ڏنا جواب داخل ڪندڙ جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ تي آرڊر لکرائي ڇڏيو.جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته اڄ وڪيلن جي هڙتال آهي جنهن جي ڪري اڄ وڪيل پيش نه ٿيا آهن. جسٽس محسن اختر ڪياني پڇاڻو ڪيو ته وڪيلن جي هڙتال ڪهڙي سبب جي ڪري آهي جنهن تي بيرسٽر خوش بخت آگاهه ڪيو ته ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه جي گرفتاري خلاف هڙتال آهي.جسٽس محسن اختر ڪياني بيرسٽر خوش بخت جي جواب تي چيو ته اهي جن کي پاڻ گرفتار ڪرايو ويو آهي، پاڻ جيل اماڻيندا آهن پوءِ هڙتال ڪري ڇڏيندا آهن. ڪيتري سٺي اسان جي بار آهي انهي کي ته ميڊل ملڻ گهرجي.هن چيو ته ججز به نااهل آهن ۽ عدالتون به مرده ٿي ويون آهن. بار ته ٻنهي وڪيلن کي پاڻ جيل ڇڏي ايندي آهي ۽ پوءِ بنا قانون جي جج به ڪمال جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي.










