راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه II ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند اڊيالا جيل پهچي ويو آهي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.پي ٽي آءِ جي باني جون ٻه ڀينرون، نورين نيازي ۽ عظميٰ خان، اڊيالا جيل پهچي ويون آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي باني جو ڪزن نوشيروان برڪي پڻ اڊيالا جيل پهچي ويو آهي.وفاقي پراسيڪيوٽر ذوالفقار عباسي نقوي ۽ پي ٽي آءِ جي باني جو وڪيل ظهير عباس چوڌري پڻ اڊيالا جيل پهچي ويو آهي.










