جاپان پاران 3 لک 40 هزار پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ جو اعلان

جاپان پاران 3 لک 40 هزار پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جاپان 3 لک 40 هزار پاڪستانين لاءِ ملازمتن جو اعلان ڪيو آهي چيئرمين پوئپا سرفراز ظهور چيمه چيو آهي ته هنرمند پاڪستانين جي جاپان لاءِ ڀرتي جو آغاز جلد ڪيو ويندو. جاپاني سفارتخاني جي قونصلر ٽوڪيٽايوجي سان چيئرمين پاڪستان اوورسيز ايمپلائمينٽ پروموٽرز ايسوسيئيشن سرفراز ظهور چيما، بيورو آف اميگريشن جي ڊي جي ڪاشف احمد نور، اڳوڻي چيئرمين پوئپا چوڌري محد افضل سميت ٻين ملاقات ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي چيئرمين جو چوڻ هو ته حڪومت طرفان لائسنس يافتا اوورسيز ايمپلائيمينٽ پروموٽرز ذريعي ماڻهن کي جاپان موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اوورسيز ايمپلائمينٽ پروموٽرز بيروزگاري جي خاتمي ۾ حڪومت جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي. هلندڙ سال 50 پاڪستاني ٻاهرين ملڪ روزگار لاءِ موڪليا ويندا.  

پهنجو تبصرو موڪليو