جاپان 2023 ۾ فلائنگ ٽيڪسي سروس شروع ڪندو

جاپان 2023 ۾ فلائنگ ٽيڪسي سروس شروع ڪندو

ٽوڪيو(ويب ديسڪ) جاپان 2023 ۾ ملڪ ۾ فلائگ ٽيڪسي سروس سروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان ڏس ۾ جاپان جرمن ڪمپني وولوڪاپٽر سان معاهدو به ڪري ڇڏيو آهي. فلائنگ ٽيڪسي ۾ ٻن ڄڻن جي ويهڻ جي گنجائش هوندي ۽ اوتري ئي وزن برابر ڪارگو به کڻي سگهبو. جرمن ڪمپني مسافر ۽ ڪارگو فلائنگ ٽيڪسيز تيار ڪري ڏيندي. هي ٽڪيسي 110 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري سگهندي ۽ وڌ ۾ وڌ 21 ميل يا 35 ڪلوميٽر تائين هڪ ساهي ۾ اڏامي سگهندي، ايئر موبلٽي سروس نيو جنريشن سروس هوندي جيڪا تيل يا گيس تي نه بيٽري تي هلندي جنهن سان ماهولياتي آلودگي به روڪي سگهبي. جاپان ايئر لائين اها سروس هلائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو