اسلام آباد (بيورو رپورٽ)تڪراري پيڪا ترميمي ايڪٽ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيندي، جسٽس انعام امين منهاس درخواستن جي ٻڌڻي ڪندو. اهي درخواستون پي ايف يو جي، سينئر صحافي حامد مير ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن پاران داخل ڪيون ويون آهن. انهن درخواستن جي آخري ٻڌڻي 4 جون تي ٿي هئي، جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين کان جواب طلب ڪيا آهن.










