اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني تازي عرصي ۾ پنهنجي ملڪي تيل جي پيداوار 32,000 بيرل في ڏينهن کان وڌائي 41,000 بيرل في ڏينهن ڪئي آهي.او جي ڊي سي ايل جي ايم ڊي احمد حيات لڪ انڪشاف ڪيو ته او جي ڊي سي ايل وٽ ملڪي تيل جي پيداوار کي 43,000 بيرل في ڏينهن کان وڌيڪ ڪرڻ جي صلاحيت آهي.احمد حيات لڪ جي مطابق، وچ اوڀر ۾ تازين ڇڪتاڻ کان اڳ، او جي ڊي سي ايل جي ملڪ بھر مان تيل جي پيداوار 32,500 بيرل في ڏينهن هئي. ملڪي سطح تي تيل ۽ گيس جي پيداوار وڌائڻ جي ڪوششن جي ڪري، تيل جي پيداوار 41,000 بيرل في ڏينهن تائين وڌي وئي آهي.هن چيو ته هن وقت او جي ڊي سي وٽ ملڪ ۾ 17 سالن کان تيل ۽ گيس جا وافر ذخيرا آهن، جيڪي 2022-23 ۾ 12 سالن جي سطح تي هئا.ملڪ بھر ۾ تيل ۽ گيس جا ذخيرا تيزي سان وڌي رهيا آهن، نوان تيل ۽ گيس جا ذخيرا دريافت ٿي رهيا آهن.گذريل مهيني، ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي تيل ۽ گئس جي دريافت ڪوهاٽ ۾ بارگزئي ۾ X-1 کوهه مان ڪئي وئي، جيڪا پاڪستان جي ڪل خام تيل جي پيداوار جو 10 سيڪڙو آهي.










