توشه خانه 2 ڪيس: عمران کي ملندڙ تحفن جي فهرست عدالت ۾ پيش

توشه خانه 2 ڪيس: عمران کي ملندڙ تحفن جي فهرست عدالت ۾ پيش

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان کي وزيراعظم طور ملندڙ 100 کان وڌيڪ تحفن جي فهرست عدالت ۾ پيش ڪئي وئي آهي.پي ٽي آءِ باني عمرن خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي خلاف اڊيالا جيل ۾ توشه خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ اجمند ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي عدالت جي آڏو پيش ٿي، بيرسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا ۽ فيصل چوڌري به ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت ۾ موجود هئا.ٻڌڻي دوران ڪيبٽ ڊويزن جي سيڪشن آفيسر جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، بشريٰ بي بي جي وڪيل ارشد تبريز گواهه تي جزوي جرح ڪئي جيڪا ايندڙ ٻڌڻي تي مڪمل ڪئي ويندي. اهڙي طرح ايندڙ ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ باني جو وڪيل سلمان صفدر به گواهه تي جرح ڪندو.گواهه طرفان توشه خانه 2 ڪيس جي سلسلي ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي وزيراعظم طور ملندڙ 108 تحفن جي فهرست عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. گواهه توشه خانه تحفن جي رڪارڊ بابت 2 رجسٽر ۽ پرائيويٽ اپريزر جو قانوني طريقيڪار به عدلت ۾ پيش ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي خلاف توشه خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي 2 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو