اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر توشه خانه ڪيس کي قابل سماعت قرار ڏيڻ واري ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.عمران خان پنهنجي وڪيل خواجا حارث ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سيشن ڪورٽ جو 8 جولاءِ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.










