ترڪ ڪمانڊر جي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن سان ملاقات

ترڪ ڪمانڊر جي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن سان ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ترڪيه جي زميني فوج جي سربراهه جنرل ميٽن ٽوڪيل دفاعي فوجن جي سربراهه (CDF) ۽ پاڪ فوج جي آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران ٻطرفي دفاعي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي مختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ڄاڻ فوج جي شعبي تعلقات عامه (ISPR) خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ڏني.
انٽر سروسز پبلڪ رليشنز موجب جنرل ٽوڪيل اڄ راولپنڊي ۾ واقع جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
بيان ۾ چيو ويو ته ملاقات دوران گڏيل پيشيورانه دلچسپي وارن معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي موقعن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
فيلڊ مارشل عاصم منير ٻنهي ملڪن جي گهري تاريخي، ثقافتي ۽ حڪمت عملي واري لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪيه جي هٿياربند فوجن وچ ۾ مضبوط دفاعي شراڪتداري کي ساراهيو.
آءِ ايس پي آر موجب، جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي مهمان شخصيت کي پاڪستان آرمي جي دستي طرفان باوقار گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جنرل ٽوڪيل اسلام آباد ۾ واقع نيوي هيڊڪوارٽرز جو به دورو ڪيو، جتي هن پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پيشيورانه دلچسپي وارن معاملن ۽ علائقائي سامونڊي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان کان علاوه جنرل ٽوڪيل ايئر هيڊڪوارٽرز ۾ پاڪستان هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان پڻ ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ان ملاقات ۾ ٻطرفي فوجي تعاون ۽ پيشيورانه معاملن تي خاص ڌيان ڏنو ويو.
پنهنجي دوري دوران جنرل ٽوڪيل پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي پيشيورانه صلاحيتن کي ساراهيو ۽ علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو.
هن ٻنهي ڀائراڻن ملڪن جي فوجن وچ ۾ دفاعي تعاون ۽ ادارتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، هن هفتي جي شروعات ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه ۽ لبنان جي فوجي سربراهه روڊولف هيڪل سان پڻ ملاقاتون ڪيون هيون.
انهن ٻنهي ملاقاتن دوران لاڳاپيل ملڪن سان فوجي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ٻطرفي فوجي لاڳاپن جي واڌاري بابت امڪانن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو