تربت ۾ روڊ حادثو: 3 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

تربت ۾ روڊ حادثو: 3 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي تربت ۾ سي پيڪ روڊ تي خطرناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.رپورٽ موجب تربت ۾ سي پيڪ روڊ تي ڇنڇر جي رات دير سان خطرناڪ حادثو پيش آيو، حادثو 2 گاڏين جي وچ ۾ ٽڪر سبب ٿيو. حادثي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جنهن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.حادثي کان فورن بعد ريسڪيو ۽ پوليس جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون جن لاشن کي به اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته پوليس حادثي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ريسڪيو اختيارين ٻڌايو آهي ته فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ مقامي ماڻهو شاهه جان ولد رحيم بخش، نعيم ولد نبي بخش ۽ بهادر ولد هاشم شامل آهن.پوليس ٻڌايو ته حادثي ۾ ڊاڪٽر شبير ولد ميران سخت زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته واقعي کان پوءِ حادثي جو ذميوار ڊرائيور ٿڏي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس گاڏي ضبط ڪري گرفتاري لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو