تحريڪ انصاف پاران ٻن اسيمبلي ميمبرن کي پارٽي مان نيڪالي

تحريڪ انصاف پاران ٻن اسيمبلي ميمبرن کي پارٽي مان نيڪالي

 اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)سينيٽ چونڊن ۾ ضمير وڪرو ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف ٻن ميمبرن کي پارٽي مان  نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي جي حڪمت عملي جي انحرافي ڪندڙ ٻن سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي آهي.پي ايس ون جيڪب آباد 1 مان اسلم ابڙو ۽ پي ايس 18/گهوٽڪي 1 مان شهريار خان شر کي پارٽي مان ڪڍڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ سان تعلق رکندڙ ٻن صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي بنيادي پارٽي  رڪنيت ختم ڪري ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف جي قائمه ڪميٽي سنڌ ۽ ڪراچي پاران گڏيل فيصلو جاري ڪيو ويو آهي.تحريڪ انصاف جي قيادت ٻنهي ميمبرن جي خلاف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان رابطي جي به سفارش ڪئي وئي آهي. سينيٽ چونڊن جي دوران اسلم ابڙو  ۽ شهريار شر پارٽي حڪمرانن جي ڀڃڪڙي ڪئي. ٻنهي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو.واضح ۽ حتمي شاهدين جي پڙتال ۽ جوابدارن طرفان صفائي پيش نه ڪرڻ تي معاملو اڪلايو ويو. ميمبرن کي قائمه ڪميٽي جي فيصلي خلاف 7 ڏينهن ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو