بيپر جواءِ طوفان ۾ بچاءُ لاءِ احتياط کانسواءِ ڪوبه حل ناھي

بيپر جواءِ طوفان ۾ بچاءُ لاءِ احتياط کانسواءِ ڪوبه حل ناھي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات،ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته بيپر جواءِ طوفان ۾ بچاءُ لاءِ احتياط کانسواءِ ڪوبه حل ناھي، طوفان جو اطلاع ملندي ئي سنڌ جي وڏي وزير اُنھن علائقن جو دورو ڪيو، جن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تهڪراچي ۾ ماڻھوڪوششڪن ته گھرن کان غير ضروري طور ٻاھر نه نڪرن، ماڻھن کي محفوظ ھنڌنڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي ۽ ماڻھن جي محفوظ ھنڌنڏانھن منتقلي جو سلسلو اڃا به جاري آھي. ھن چيو ته ساحلي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي اپيل آھي ته اُھي محفوظ ھنڌنڏانھن منتقل ٿي وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو تهڪراچي ۾ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڪلائوڊ برسٽ بهٿي سگھي ٿو،ڪوبه شخص تفريح لاءِ ساحل جو رُخ نهڪري، عوام حڪومت سان سھڪارڪري. ھن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاھ سامونڊي طوفان جي حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رھڻ جو چيو آھي، سمورن اسيمبلي ميمبرن جو فرض آھي ته اُھي عوام جي مشڪلاتن جي حل لاءِ ٻاھر نڪرن.

پهنجو تبصرو موڪليو