ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بوٽ بيسن ۾ شهرين تي سرعام تشدد ڪندڙ 5 جوابدارن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، عدالت ۾ پيش ڪيل فرد مکيه ملزم شاهه زين مري جا محافظ آهن. 19 فيبروري جي رات، شاهه زين ۽ سندس محافظن پهريان هڪ شهري جي ڪار کي ٽڪر ھنيو پوءِ ڪار مان ٻاهر نڪتا ۽ بندوق جي زور تي کيس تشدد جو نشانو بڻايو، جڊيشل مئجسٽريٽ سائوٿ جي عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.










