بوزدار خلاف اپوزيشن پاران عدم اعتماد جي رٿ پيش

بوزدار خلاف اپوزيشن پاران عدم اعتماد جي رٿ پيش

لاهور(ويب ڊيسڪ)مخالف ڌر پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن ۾ وڏي وزير جي ڪارڪردگي کي نشانو بڻايو ويو آهي. بي اعتمادي واري رٿ تي راڻا مشهود، رمضان صديقي، ملڪ احمد ۽ ميان نصير احمد جا دستخط آهن. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير عثمان بوزدار تي ايوان جي اڪثريت جو اعتماد ناهي رهيو، پنجاب جا معاملا آئين موجب نه هلي رهيا آهن.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا مشهود چيو آهي ته بي اعتمادي جي رٿ 126 ميمبرن جمع ڪرائي آهي، تحريڪ پيش ٿيڻ کانپوءِ وڏو وزير اسيمبلي ٽوڙڻ جي صلاح نٿو ڏئي سگهي.آئين موجب اپوزيشن طرفان بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائڻ کانپوءِ هاڻي اسپيڪر 14 ڏينهن ۾ اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو پابند هوندو آهي. واضح رهي ته اپوزيشن پارٽين به وزيراعظم عمران خان خلاف قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن کي اسيمبلي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جا 183 ۽ مخالف ڌر جي مسلم ليگ  (ن) جا 165 ميمبر آهن. مسلم ليگ (ق) جا 10 ۽ پيپلز پارٽي وٽ 7 ميمبر آهن. پنجاب اسيمبلي ۾ 5 آزاد ميمبر آهن ۽ هڪ ميمبر جو تعلق راهه حق پارٽي سان آهي. حڪومت ٺاهڻ لاءِ 182 ميمبر گهربل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو