بنگلاديش آءِ ايم ايف کان 4.7 بلين ڊالر جو قرض وٺڻ ۾ ڪامياب

بنگلاديش آءِ ايم ايف کان 4.7 بلين ڊالر جو قرض وٺڻ ۾ ڪامياب

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) بنگلاديش لاءِ 4.7 ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بنگلاديش معاشي مشڪلاتن سبب جولاءِ 2022 ۾ قرض لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطو ڪيو ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ پاڪستان ۽ سريلنڪا کان پهريان ان جي درخواست منظور ڪري ورتي. آءِ ايم ايف پروگرام تحت بنگلاديش کي 3.3 ارب ڊالرن جو قرض ڏنو ويندو، جنهن مان 476 ملين ڊالر فوري طور تي ڏنا ويندا. آءِ ايم ايف بورڊ نئين موسمياتي تبديلي فنڊ تحت بنگلاديش لاءِ 1.4 بلين ڊالر مختص ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، جيڪو فنڊ تائين پهچ وارو پهريون ايشيائي ملڪ هوندو. آءِ ايم ايف موجب قرض معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو جڏهن ته بنگلاديش انتظاميه کي سڌارن ۾ واڌ ۾ مدد ملندي. عالمي اداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بنگلاديش غربت ۾ گهٽتائي ۽ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان سٺي اڳڀرائي ڪري رهيو هو پر ڪووڊ 19 وبا ۽ يوڪرين تي روس جي حملي سبب معاشي ڪارڪردگي متاثر ٿي. بنگلاديش عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي 2022ع ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي بهتر بڻائڻ لاءِ 2 بلين ڊالر فراهم ڪرڻ جي پڻ درخواست ڪئي. بنگلاديش جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گذريل مالي سال دوران 18.7 بلين ڊالر تائين پهچي ويو جڏهن ته لباس جي برآمدات توانائي جي قيمتن ۾ واڌ سبب متاثر ٿي. بنگلاديشي حڪومت آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻ کانپوءِ گذريل ڪجهه مهينن ۾ تيل ۽ توانائي جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو آهي، جڏهن ته پهرين فيبروري کان بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ 5 سيڪڙو اضافو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو