بنون آپريشن، ڪرنل ۽ سپاهي شهيد، 5 دهشتگرد مارجي ويا

بنون آپريشن، ڪرنل ۽ سپاهي شهيد، 5 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آءِ ايس پي آر جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته ڇنڇر ڏينهن بنون ۾انٽيليجنس بنياد تي ڪارروائي (آءِ بي او) دوران هڪ خودڪش حملي ۾ هڪ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويا ۽ مقابلي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.
جاري ڪيل بيان موجب، دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز جي قافلي کي “ڀارتي پراڪسي فتنہ الخوارج” نشانو بڻايو، جنهن ۾ هڪ خودڪش بمبار پڻ شامل هو۔
فتنہ الخوارج اهو اصطلاح آهي جيڪو رياست پابندي لڳل تنظيم ٽي ٽي پي سان لاڳاپيل دهشتگردن لاءِ استعمال ڪري ٿي۔ فوج جي ميڊيا ونگ وڌيڪ ٻڌايو ته آپريشن دوران پنج دهشتگرد به ماريا ويا۔
آءِ ايس پي آر موجب، “گاڏي ۾ سوار خودڪش بمبار کي اڳئين دستي روڪي ڇڏيو، جنهن سندس ناپاڪ ارادي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. هو بَنوں شهر ۾ بيگناهه شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ چاهيندو هو، جنهن سان هڪ وڏي تباهي کان بچاءُ ٿيو.”
بيان ۾ چيو ويو ته ڪارروائي دوران دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿيڻ بعد سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ پنج خوارج سيڪيورٽي فورسز هٿان ماريا ويا۔
جڏهن ته مايوسي ۾ دهشتگردن بارودي مواد سان ڀريل گاڏي اڳئين دستي جي هڪ گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي۔
نتيجي طور مانسهره واسي 43 ورهين جو ليفٽيننٽ ڪرنل شهزاده گل فراز شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر شهيد آفيسر کي بهادر آفيسر قرار ڏنو، جيڪو محاذ جي اڳئين قطار ۾ پنهنجي جوانن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، ۽ 28 ورهين جو سپاهي ڪرامت شاهه، جيڪو پشاور جو رهواسي هو، شهيد ٿي ويا۔
فوج پنهنجي بيان ۾ ٻيهر چيو ته دهشتگرد پاڪستان اندر حملا ڪرڻ لاءِ “افغان سرزمين استعمال ڪري رهيا آهن” ۽ اهي مقدس مهيني رمضان جي تقدس جي به ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن۔ آءِ ايس پي آر چيو ته “اهو واضح ڪري ٿو ته انهن جو اسلام سان ڪو به واسطو ناهي.”
بيان ۾ اهو پڻ چيو ويو ته “افغان طالبان حڪومت ٻيهر ناڪام ٿي آهي ته خوارج کي افغان سرزمين پاڪستان اندر دهشتگرد ڪارروائين لاءِ استعمال ڪرڻ کان روڪي، اهو به رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني دوران.”
آءِ ايس پي آر زور ڀريو ته “پاڪستان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڏيندو ۽ هن بزدلانه ۽ سنگين ڪارروائي جي ذميوارن خلاف، چاهي اهي ڪٿي به هجن، منصفاڻي بدلي لاءِ آپريشن جاري رهندا.”
فوج جي ميڊيا ونگ وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان “عزمِ استحڪام” ويزن تحت دهشتگردي خلاف مهم (جيڪا قومي ايڪشن پلان جي فيڊرل ايپڪس ڪميٽي طرفان منظور ٿيل آهي) پوري رفتار سان جاري رهندي ته جيئن ٻاهرين سهڪار سان هلندڙ دهشتگردي جو خاتمو آندو وڃي۔
فوج چيو ته “اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون هر قيمت تي پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ اسان جي اٽل عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.”
صدرآصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف الڳ الڳ بيانن ۾ هن “بزدلانه دهشتگرد حملي” جي سخت مذمت ڪئي ۽ شهيدن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو۔
صدر زرداري چيو ته “شهيدن جي اعليٰ قرباني قوم جو سرمايو آهي.” شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪندي صدر چيو ته “اسان فتنہ الخوارج خلاف بنا امتياز ۽ پوري طاقت سان ڪارروائي جاري رکڻ جو ارادو رکون ٿا. عوام جي تحفظ تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو.”
هن وڌيڪ چيو ته “رمضان جي تقدس جي ڀڃڪڙي ڪندڙ دهشتگردن جو اسلام سان ڪو به تعلق ناهي.”
ساڳي طرح، سرڪاري خابرو اداري موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته رمضان دوران فتنہ الخوارج پاران ڪيل دهشتگرد ڪارروائي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي۔
وزيراعظم سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه ڪندي چيو ته هنن پنج دهشتگردن کي ماري ۽ فوري ڪارروائي ڪري شهر کي وڏي تباهي کان بچايو۔
هن چيو ته “عزمِ استحڪام” ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز اهم ڪاميابيون حاصل ڪري رهيون آهن ۽ رياست ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي۔
دهشتگردي ۾ واڌ ۽ افغان سرزمين بابت خدشا
پاڪستان ۾ خاص طور خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾دهشتگرد حملن ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي، جتي اڪثر پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو پيو وڃي۔ 2022ع ۾ ٽي ٽي پي طرفان حڪومت سان جنگبندي ختم ڪرڻ بعد حملا وڌي ويا۔
بَنوں ضلعو گذريل مهينن ۾ ڪيترن ئي سيڪيورٽي واقعن جو مرڪز رهيو آهي، جتي شهرين ۽ مقامي سيڪيورٽي اهلڪارن تي حملا ٿيا، جنهن بعد ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيا ويا۔
اسلام آباد بار بار افغانستان ۾ ٽي ٽي پي دهشتگردن جي موجودگي بابت خدشا ظاهر ڪيا آهن ۽ چيو آهي ته اهي پاڪستان اندر حملن ۾ ملوث آهن۔ پاڪستان ڪابل تي زور ڀريو آهي ته اهڙن حملن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن۔
هن هفتي جي شروعات ۾ پاڪستان باجوڙ ۾سيڪيورٽي فورسز تي ٿيل حملي (جنهن ۾ 11 فوجي شهيد ٿيا) بابت افغان طالبان حڪومت کي احتجاجي مراسلو (ڊيمارش) جاري ڪيو۔
ڊسمبر جي آخر ۾ پڻ اتر وزيرستان ۾ فوجي ڪيمپ تي ٿيل مهلك حملي کانپوءِ افغانستان کي اهڙن دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي ڊيمارش جاري ڪيو ويو هو۔

پهنجو تبصرو موڪليو