ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي انگ 170 ٿي ويو آهي.ڪوهلو، ڪيچ، مستونگ، هرنائي، قلعه سيف الله ۽ سبي ۾ به ٻوڏ سبب فوتگين جا اطلاع آهن. چمن کان گوادر تائين مون سون جي برساتن سبب تباهي جا منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.بيلا جي شاهي جامع مسجد پڻ برسات سبب متاثر ٿي آهي، جنهن جي ڀتين ۽ ڇتن ۾ درگاهون اچي ويون آهن.ڪيترن ئي متاثر علائقن ۾ هن وقت تائين امدادي سرگرميون شروع نه ٿي سگهيون آهن، خضدار ۾ متاثر ماڻهو کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.متاثر علائقن ۾ سخت گرمي ۽ ٿڌ به ٻوڏ متاثرن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.










