بلوچستان ۾ فورسز جون ڪارروائيون: 15 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان ۾ فورسز جون ڪارروائيون: 15 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مختلف ضلعن آواران، مستونگ، بولان، واشڪ، سبي، خضدار، هرنائي ۽ نوشڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران ‘آپريشن رد الفتنه 3’ تحت انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائيون ڪري 15 دهشتگردن (خوارجن) کي مارڻ جو دعويٰ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن سان سندن نيٽ ورڪ کي وڏو نقصان پهتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو