پشاور (ويب ڊيسڪ) علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر اشرفي چيو آهي ته قوم جو اتحاد ئي بدامني مان نڪرڻ جو واحد رستو آهي. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان ٽين عالمي جنگ کي روڪيو آهي، هي اسرائيل جي هڪ چال هئي ته جيئن مسلمانن ۾ اختلاف پيدا ڪري سگهجن. حافظ طاهر اشرفي چيو ته عرب دنيا ۽ عالمِ اسلام کي اپيل آهي ته پاڻ ۾ گڏجي ويهي معاملا حل ڪن. علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين جو چوڻ هو ته محرم الحرام ۾ ”پيغامِ پاڪستان“ ضابطہ اخلاق تي مڪمل عملدرآمد ٿيو، ۽ ضابطہ اخلاق تي عمل نه ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. سمورن مڪتبہ فڪر جي علمائن ۽ مشائخن اسلام جي نالي تي بيگناهه ماڻهن جي قتل کي شريعت خلاف قرار ڏيندي چيو ته دينِ اسلام ڪنهن به بيگناهه جي قتل جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نٿو ڏئي.










