بلوچستان تيل بحران، پيٽرول جو ريٽ 500 رپيا ٿي ويو

بلوچستان تيل بحران، پيٽرول جو ريٽ 500 رپيا ٿي ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي بحران سبب هڪ ليٽر پيٽرول يا ڊيزل 500 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو آهي.ڪوئيٽا ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اڻاٺ (قلت) جي ڪري مختلف علائقن ۾ اڃا تائين ڪجهه پيٽرول پمپ بند پيل آهن، جڏهن ته جيڪي پمپ کليل آهن، انهن تي شهرين جي هجوم (رش) ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ وڏيون قطارون نظر اچي رهيون آهن، جنهن سبب شهري ذهني پريشانيءَ جو شڪار آهن. صوبي جي اندروني علائقن ۾ پيٽرول جي اڻاٺ جو بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي. نوشڪي، خاران ۽ لورالائي ۾ في ليٽر قيمت 500 رپين تائين پهچي وئي آهي. پيٽروليم ڊيلرز ايسوسئيشن جي صدر قيام الدين آغا موجب، شڪارپور مان پيٽرول جي فراهمي (سپلائي) ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، ۽ هڪ کان ٻن ڏينهن اندر صورتحال معمول تي اچي ويندي. ڊي سي ڪوئيٽا جو چوڻ آهي ته ايراني پيٽرول جي سپلائي بند ٿيڻ جي ڪري پيٽرول پمپن تي رش وڌي وئي آهي، اڄ ڪوئيٽا جي پيٽرول پمپن تي 6 لک ليٽر پيٽرول سپلائي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو