بلوچستان ۾ آپريشن مڪمل، 133 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان ۾ آپريشن مڪمل، 133 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ٻن ڏينهن ۾ هڪ آپريشن دوران فتنہ الھندوستان جي 133 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، فتنہ الھندوستان جي سرپرستي ۾ دهشتگردن بلوچستان جي امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دهشتگردن 31 جنوري تي بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ دهشتگرد حملا ڪيا.آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگردن ڪوئيٽا، مستونگ، نوشڪي، دالبندين، خاران، گوادر ۽ پسني ۾ آپريشن ڪيا ۽ عورتن، ٻارن ۽ مزدورن سميت 18 شهري شهيد ڪيا.آءِ ايس پي آر موجب، فورسز سخت جوابي ڪارروائي دوران حملن کي ناڪام بڻايو ۽ 3 خودڪش بمبارن سميت 92 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ بلوچستان ۾ 2 ڏينهن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 133 ٿي ويو.انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، ڪليئرنس آپريشن دوران 15 فوجي شهيد ٿيا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته حملا پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ دهشتگرد اڳواڻن جي هدايتن تي ڪيا ويا، ۽ منصوبابندي ڪندڙن، سهولتڪارن ۽ مددگارن کي هر قيمت تي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو