ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي حڪومت محرم الحرام جي دوران امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ سموري صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو پهرين محرم کان 10 محرم تائين لاڳو رهندو.سرڪاري پڌرائي موجب محرم جي دوران اشتعال انگيز، فرقيوارانه ۽ چڙ ڏياريندڙ مهم تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جيڪا پهرين محرم کان 10 محرم الحرام تائين لاڳو رهندي.سرڪاري پڌرائي موجب محرم جي دوران اشتعال انگيز، فرقيوارانه ۽ فرت ڏياريندڙ مواد جي مهم تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي جيڪا سوشل ميڊيا سميت سمورن ڊجيٽل پليٽ فارمز تي نفرت انگيز مواد جي اشاعت تي به پابندي لڳائي وئي آهي.حڪومت هٿيار ۽ بارودي مواد جي نمائش ۽ عوامي هنڌن تي کڻي وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪندي حساس هنڌن ۽ جلسون تائين شڪي مانهن جي پهچ محدود رکڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح عوامي هنڌن ۽ جلوسن جي رسته تي پيشه ور فقيرن جي موجودگي تي به پابندي لڳائي وئي آهي.پڌرائي موجب ڪوئٽه ۾ محرم جي دوران موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي مڪمل پابندي هوندي، جڏهن ته ٻاهرين ضلعن لاءِ لائوڊ اسپيڪر جي استعمال لاءِ اڳواٽ اجازت وٺڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.هوڏانهن جلسن جي رستن تي واقع عمارتن جي ڇتين ۽ گهٽين ۾ غير لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڪوئٽه ۽ نصيرآٻاد ۾ وال چاڪنگ، بينرز، پوسٽرز ۽ پمفليٽس لڳائڻ تي به پابندي هوندي.بلوچستان حڪومت خبردار ڪيو آهي ته ڀڃڪڙي ڪندڙن جي خلاف قلم 188 سميت لاڳاپيل قانون جي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنرز، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي اهڙن حڪمن تي سختي سان عمل ڪرڻ جون هدايتون به جاري ڪيون ويون آهن.










