ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت اهم اخبارن ۾ 39 ماڻهن جا نالا ۽ تصويرون شايع ڪري کين “گهڻا گهربل دهشتگرد” قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سندن گرفتاري بابت معلومات ڏيڻ تي وڏا روڪ انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي۔
فهرست ۾ پابندي مڙهيل بلوچ لبريشن آرمي (BLA) جي سربراهه بشير زيب ۽ مجيد بريگيڊ (BLA جي خودڪش ونگ) جي اهم ڪمانڊر گلزار امام المعروف شمبي شامل آهن۔ ٻنهي جي سر تي 25 ڪروڙ رپين جو انعام مقرر ڪيو ويو آهي۔ ٻڌايو وڃي ٿو ته اهي ٻئي ڪيچ ضلعي سان تعلق رکن ٿا۔
“Most Wanted Terrorists” (گهڻا گهربل دهشتگرد) جي عنوان سان اڌ صفحي جو اشتهار اربع ڏينهن ملڪ جي اهم اخبارن جي فرنٽ پيج تي شايع ٿيو، جنهن ۾ جوابدارن جا نالا، عرفيتون ۽ تصويرون شامل آهن ۽ عوام کان سندن موجودگي بابت ڄاڻ شيئر ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي۔
اعلان موجب هر جوابدار بابت ڪارائتي معلومات ڏيڻ تي وڌ ۾ وڌ 25 ڪروڙ رپين تائين انعام مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت طرفان مجموعي طور اعلان ڪيل انعامي رقم 1.38 ارب رپيا ٻڌائي وئي آهي۔
حڪومت يقين ڏياريو آهي ته جيڪا به قابلِ اعتبار، صحيح ۽ ڪارائتي معلومات ملي، ان تي فوري ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اطلاع ڏيندڙن جي سڃاڻپ مڪمل طور ڳجهي رکي ويندي۔
عوامي سهڪار کي آسان بڻائڻ لاءِ ٻه هيلپ لائين نمبر 1719 ۽ 1218 جاري ڪيا ويا آهن۔
هي قدم صوبائي حڪومت جي دهشتگردي خلاف ڪارروائين کي تيز ڪرڻ ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث نيٽ ورڪن کي ٽوڙڻ جي ڪوششن جو حصو آهي۔
اختيارين شهرين کي امن ۽ سلامتي جي مفاد ۾ سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ زور ڏنو آهي ته صوبي ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عوامي مدد نهايت اهم آهي۔
بلوچستان ڪيترن سالن کان بغاوت ۽ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي۔ تازو پابندي مڙهيل “فتنه الھندستان” گروهه جي دهشتگردن ڪيترن هنڌن تي حملا ڪري درجنين شهرين کي ماريو۔
سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 216 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 22 اهلڪار شهيد ٿيا هئا۔










