بلوچستان هاءِ ڪورٽ:عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل

بلوچستان هاءِ ڪورٽ:عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا آهن.بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ انصاف لائرز فورم جي اڳواڻ اقبال شاهه ايڊووڪيٽ عمران خان جي گرفتاري وارنٽ خلاف درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته بجلي روڊ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل نٿو ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته جنهن الزام تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو بجلي روڊ پوليس ٿاڻي جي حد ناهي درخواستگذار عمران خان خلاف داخل ايف آءِ آر کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي.بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظهير الدين درخواست تي مختصر ٻڌڻي ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ ٻن هفتن لاءِ معطل ڪري ڇڏيا، جڏهن ته عمران خان خلاف داخل ڪيس خارج ڪرڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو