راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب مواصلاتي نظام کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، ان ڪري پاڪ فوج متاثرن جي مدد لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪور ڪمانڊر بلوچستان سان رابطو ڪري صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال بابت ڄاڻ ورتي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڪور ڪمانڊر بلوچستان کي صوبائي حڪومت سان هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سول انتظاميا امدادي، ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪمن ۾ سول انتظاميا سان سهڪار ڪري.جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب مواصلاتي نظام کي نقصان پهتو آهي، پاڪ فوج متاثرن جي مدد لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري، فوج کي هنگامي بنيادن تي انفراسٽرڪچر ۽ مواصلاتي نظام جي بحالي تي ڪم ڪرڻ گهرجي. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج هن ڏکئي وقت ۾ ٻوڏ متاثرن سان گڏ بيٺل آهي، ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ پاڪ فوج جو قومي فرض آهي.










