اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ بلوچ وارثن جو لانگ مارچ ڪري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ماهرنگ بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بلوچ خاندان جي ڪيمپ خلاف رياست طرفان طاقت جي استعمال، فورسز پاران شرپسندن کي حراسان ڪرڻ ۽ ڪيمپ ڊاهڻ جون ڌمڪيون ۽ سڪيورٽي خدشن سبب ڌرڻو اسلام آباد ۾ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تحريڪ انصاف جي پنجين مرحلي ۾ 27 جنوري تي ڪوئيٽا ۾ ريلي ڪئي ويندي.










