بلاول ڀٽو ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه چيو اهو پاڪستان جو موقف آهي،گيلاني

بلاول ڀٽو ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه چيو اهو پاڪستان جو موقف آهي،گيلاني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته بلاول ڀٽو ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه چيو اهو پاڪستان جو موقف آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي اميدوارن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، عمران خان جي ٽن ملاقاتن باوجود منهنجو پٽ ڪيئن ڪامياب ٿيو.هن چيو ته سياسي استحڪام کانپوءِ عوام کي رليف ملندو، سياسي استحڪام کانپوءِ ئي معاشي استحڪام ايندو.يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ اتفاق راءِ سان وزيراعظم بڻيو آهي، اسان ارڙهين ترميم کي تسليم ڪيو، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي کي تسليم ڪيو.اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته هاري خوشحال ٿيندو ته ملڪ خوشحال هوندو، اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سمورن صوبن ۾ هڪ ڏينهن تي چونڊون ڪرايون وينديون.هنن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي ڇڏڻ ۽ صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ غلطي ٿي آهي، ڳالهيون مشروط ناهن.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته آئين موجب جيڪڏهن وقت تي ڪارروائي نه ٿي سگهي ته پوءِ ان جي گنجائش آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو