اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ 26 نومبر تي پي ٽي آءِ جي احتجاج بابت ڪيس ۾ نامزد عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 13 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي.ڊيوٽي جج شبير ڀٽي 26 نومبر تي پي ٽي آءِ جي احتجاج تي بشرا بي بي خلاف داخل ڪيس ۾ عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.بشرا بي بي خلاف ترنول ٿاڻي تي رمنا ٿاڻي ۾ وڌيڪ 3 ڪيس داخل آهن.بشرا بي بي پنهنجي وڪيلن سميت عدالتي ڪمري ۾ پيش ٿي، عدالت بشرا بي بي جي 13 جنوري تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ بشرا بي بي جي 50 لک 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.










