ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪلفٽن سي ويو برگر چين تي فائرنگ ۾ مئنيجر جي زخمي ٿيڻ جي واقعي کان پوءِ ملوث جوابدار اڃا تائين پوليس کي هٿ نه اچي سگهيو آهي فائرنگ ڪندڙ مک جوابدار گرفتاري جي خوف کان فرار ٿي ويو ان حوالي سان ايس ايس پي انويسٽيگيشن زاهده پروين ميڊيا کي ٻڌايو ته ايئرپورٽ اٿارٽيز سان به رابطو ڪيو ويو آهي هن ٻڌايو ته جوابدار جيڪڏهن جهاز مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ها ته پڪڙيو وڃي ها جوابدار شاهزين مري هن وقت سنڌ ۾ موجود نه آهي ايس ايس پي انويٽيگيشن جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪل طريقي سان جوابدار کي ٽريس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي عورت پوليس آفيسر مطابق جوابدار جي گرفتاري لا3 ڪيترن ئي هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا آهن جوابدار شاهزين مري جي سيڪيورٽي گارڊ کي حراست ۾ ورتو ويو هو جنهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.










