مانجهند(رپورٽ مهراڻ عمراڻي)انڊس ڪول ٿاڻي تي سڪينه ڪمپني مان برطرف ڪيل ملازمن پاران بحالي لاءِ ڪيل پرامن احتجاج تي 6 ڄڻن تي پوليس ڀتي خوري ۽ موتمار ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. لاکڙا ڪول فيلڊ جي سڪينا ڪوئلا ڪمپني مان برطرف ٿيل 150 ملازمن گذريل ڏينهن احتجاج ڪيو هو. ڪمپني انتظاميا طرفان 6 مقامي پورهيتن تي ڀتي گهرڻ ۽ موتمار ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪرايو ويو ڪمپني جي ملازم محمد حيات جي فرياد تي ٽن ڀائرن عبدالجبار عرف يتيم کوسو لقمان کوسو حليم خان کوسو ڀائٽي غلام عباس کوسو سميت 6 ڄڻن تي انڊس ڪول مائينز ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي هوڏانهن پورهيت اڳواڻ عبدالجبار کوسو ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪمپني انتظاميا ڏاڍ ذريعي مقامي مزدورن کي نيڪالي ڏئي ڇڏي جنهن خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ تي ڪمپني مڇرجي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آھن پر پنهنجي حق تان هٿ هرگز نه کڻنداسين.










