ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر)بي مثال برساتن اڱاري تي ڪراچي کي ٻوڙي ڇڏيو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي پاڙا ۽ روڊ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا ۽ شهري پريشاني ۽ بي وسيءَ جو شڪار ٿي پيا. پاڪستان موسميات کاتي اربع ۽ خميس تي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي خبردار ڪيو آهي.برساتن ڪراچي جي ڪمزور ڍانچي کي سخت متاثر ڪيو آهي، نالن ۽ نيڪال واري نظام کي ڌوڏي ۽ ڀڃي ڇڏيو ۽ “روشنيءَ جي شهر” جي زندگي کي مڪمل طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي. اڃا تائين مهانگا علائقا جهڙوڪ ڊي ايڇ اي ۽ ڪلفٽن به سخت متاثر ٿيا آهن، جتي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو ۽ رهواسين جي تڪليف وڌي وئي. تيز برساتن کان ٿوري ئي دير پوءِ شهر ۾ وڏي پيماني تي بجلي بند ٿي وئي، اڌ شهر اوندهه ۾ غرق ٿي ويو. ساڳئي وقت، جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گهريلو ۽ بين الاقوامي فلائيٽ آپريشنز به سخت متاثر ٿيا. سول ايوي ايشن اٿارٽي تصديق ڪئي ته ڪيترين ئي فلائيٽن کي دير، منسوخي يا ٻين ايئرپورٽن ڏانهن موڙڻو پيو. رات 10 وڳي تائين، موسميات کاتي جي انگن اکرن موجب، سڀ کان وڌيڪ برسات گلشن حديد ۾ 170 ملي ميٽر (6.69 انچ) ۽ سڀ کان گهٽ برسات اورنگي ٽائون ۾ 66.2 ملي ميٽر رڪارڊ ٿي. حالات جي سنگيني سبب صوبائي انتظاميه اڄ (اربع) لاءِ ڪراچي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي. موسميات کاتي جي ترجمان انجم نياز زيغم ٻڌايو ته برسات ماضي جو ريڪارڊ ته نه ٽوڙيو پر اها “اڳ کان وڌ ۽ بي مثال برسات” هئي. هن وڌيڪ چيو ته “ڀارت جي گجرات مٿان ٺهندڙ گهٽ دٻاءَ واري صورتحال سبب ڪراچي ۾ هيءَ برسات پئي آهي. ايندڙ ٻه ڏينهن تمام اهم آهن ڇو ته ڀارت جي اڙيسا مان هڪ ٻئي هوائن جي گهٽ داٻ واري لهر گجرات پهچندي جيڪا وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿي ۽ اها ڪراچي ۽ ڏاکڻن علائقن کي متاثر ڪندي.” ڪراچي جون مکيه شاهراهيون جهڙوڪ شارع فيصل، ايم.اي. جناح روڊ ۽ آءِ.آءِ. چندريگر روڊ پاڻيءَ هيٺ اچي ويون، جتي سوين ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون ٻڏي ويون. هزارين مسافرن کي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ ۾ ڦاٿل رهڻو پيو، جيڪو شهر جي تاريخ جو بدترين ٽريفڪ جام قرار ڏنو پيو وڃي. ڪيترن ماڻهن کي تيل ختم ٿيڻ سبب گاڏيون روڊن تي ڇڏي وڃڻيون پيون. ڪيترن علائقن ۾ گٽر اٻري رهيا آهن ۽ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي چڪو آهي. سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ وارا ماڻهو آفيس مان گهر ويندڙ هئا، خاص ڪري عورتون، جن کي واپاري مرڪزن ۾ چيلهه تائين پاڻي مان گذرڻو پيو. ڪيترن کي گهر پهچڻ لاءِ 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ تڪليف برداشت ڪرڻي پئي. برسات سبب هيستائين 6 ماڻهو فوت ٿيا، جن مان 5 گهر ۽ ڀت ڪرڻ سبب ۽ هڪ ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويا. سولجر بازار ۾ هڪ بلند عمارت به پاڻيءَ ۾ ٻڏي وئي، جتي پهرئين منزل تائين پاڻي پهچي ويو. 80 ڄڻن کي ريسڪيو 1122 ٽيمن بچائي ورتو . بهرحال، ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته ميئر مرتضيٰ وهاب جي وقت سر قدمن سان شهر کي جلدي بحال ڪيو ويو.
وزيراعظم جي پريشاني
وزيراعظم شهباز شريف، سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه سان ڳالهائيندي، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ برساتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعليٰ وزيراعظم کي ٻڌايو ته برسات ختم ٿيڻ کان پوءِ فوري طور نيڪال جا ڪم شروع ڪيا ويا. هن لاڳاپيل ادارن کي وڌيڪ برساتن لاءِ هاءِ الرٽ تي رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعليٰ ٽريفڪ پوليس کي به حڪم ڏنو ته گهٽ اوچي علائقن ۽ رش وارن هنڌن تي چاق و چوبند رهندي عوام جي مدد ڪن. ٻنهي اڳواڻن انساني جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو، جڏهن ته وزيراعظم وفاقي سهڪار جو به يقين ڏياريو. سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري به ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار سان رابطو ڪري صورتحال بابت بريفنگ ڏني ۽ وفاقي مدد جي درخواست ڪئي.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ مينهن شروع ٿي ويو آهي، شهر ۾ اڄ ڪالهه کان وڌيڪ مينهن جي توقع آهي. ڪراچي جي پي اي سي ايڇ ايس، شاهه فيصل ڪالوني، ملير فالٽ، رفاح عام، گارڊن، جناح اسپتال ۽ نواح جهمپير وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. موسميات جي تجزيه نگار موجب، اتر عربي سمنڊ تي ٻه مختلف مون سون سسٽم آهن، هڪ ڏکڻ اوڀر ڪيٽي بندرگاهه جي ويجهو ۽ ٻيو ڪڇ علائقي تي، وچ هندستان تي هڪ نمايان گهٽ دٻاءُ وارو علائقو آهي،موسميات جي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته هن سسٽم جي اثر هيٺ، اڄ ڏکڻ اوڀر ۽ هيٺين سنڌ ۾ گجگوڙ جاري رهندو. سازگار موسمي حالتن جي ڪري، اڄ ڪراچي ۾ وڌيڪ گجگوڙ سان برسات پوندي. هي اسپيل ڪراچي ۾ وڌيڪ 2 کان 3 ڏينهن تائين سرگرم رهندو، پاڪستان موسمياتي کاتي (پي ايم ڊي) جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انجم نذير ضيغم جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ منجهند شروع ٿيندڙ مينهن شام 7 وڳي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.انجم نذير ضيغم جو چوڻ آهي ته ڪراچي شهر جي اتر اوڀر ۾ طوفاني هوائون آهن، سنڌ ۾ مينهن 23 آگسٽ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، جبلن وارن علائقن ۾ ڪڪر ڦاٽندا آهن.










