ٺٽو ( ن سنڌيار(برساتن جي موجودھ اسپيل سموري سنڌ سميت ضلعي ٺٽي ۾ پڻ تباھي مچائي ڇڏي گذريل 24 ڪلاڪن کان مسسلسل پوندڙ برسات کانپوء ٺٽو شھر مڪمل پاڻي ھيٺ شھر جو اسلام پور محلو جيڪو شھر جو سب کان وڏو محلو آھي جتي شھر جي پڙھيل لکيل آبادي جو وڏو حصو رھي ٿو جتي نه صرف گرلس ڪالج موجود آھي اتي نياڻين لاء پرائمري اسڪول ۽ گرلز ھائي اسڪول پڻ ھن محلي ۾ موجود آھي سمورو محلو برساتي پاڻي ۽ اٿليل گٽرن جي پاڻي ھيٺ آيل آھي جڏھن ته شھر جا ٻيا محلا جنھن ۾ بخاري محلو ـ ڪرسچن ڪالوني ـ ڊاڪٽر گلي شھر جي وڏي بازار شاھي بازار ۾ پڻ ۵ فٽن تائين پاڻي بيٺل ھجڻ ڪري ٺٽي شھر ۾ رھندڙ عوام پنھنجي گھرن تائين محصور ٿي چڪي آھي ٺٽي شھر جي ٽريفڪ چوڪي کان شاھجھان مسجد طرف ويندڙ روڊ به مڪمل برساتي پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي شھر ۾ ھر طرف پاڻي ئي پاڻي نظر اچي رھيو آھي شھري اللھ جي حوالي ٿيل آھن ٻئي پاسي ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي ۾ پڻ تيز برساتن تباھي مچائي ڇڏي آھي ساحلي پٽي جا شھر ڪيٽي بندر ـ گھوڙاٻاري ـ ڳاڙھو سميت مختلف شھر جو زميني رابطو ھڪ ٻئي سان ڪٽجي چڪو آھي آھي ساحلي پٽي جا مختلف ڳوٺ پڻ برساتي پاڻي جي بيھڻ سبب ڳوٺ ٻڏي چڪا آھن ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي جي شھرن جھمپير ـ جنگشاھي ـ ڄنگڙي ـ مال ماڙي – براد آباد ۾ برساتن سبب برساتي نالا اٿلڻ لڳا جڏھن درواٽ ڊيم فل ڀرجي وڃڻ ۽ سوڙ نھر – لوياج نھر ۽ دراوت ڊيم اوور ٽاپ ٿيڻ سبب پاڻي ڪينجھر ڍنڍ ۾ شامل ٿيڻ ڪري ڪينجھر ڍنڍ جي سطح اڌ فوٽ تائين وڌي وئي آھي جڏھن ته موسميات کاتي پاران بار بار وارننگ جي باوجود انتظاميا پاران جوڳا اپاءٔ نه وٺڻ ڪري ضلعي کي مختلف مد ۾ اربين روپين جو نقصان رسڻ جو پڻ انديشو آھي










