بدين (ن س )بدين ضلعي ۾ مقامي ٽماٽن جي فصل کي برساتن سبب نقصان پهتو آهي، جنهن جي ڪري سڄي صوبي ۾ ٽماٽن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، بدين ضلعو ٽماٽن جي پيداوار جي لحاظ کان ملڪ ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو، پر هن سال مون سون جي موسم ۾ برساتن سبب آبادگارن جي محنت ضايع ٿي وئي، مقامي ماڻهن موجب، بدين ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ٽماٽن جو فصل برساتن سبب مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي ۽ آبادگارن کي ٻيهر ٻج پوکڻا پيا آهن، جڏهن ته آبادگار ۽ مارڪيٽ جا واپاري نئين فصل جي انتظار ۾ آهن، ان حوالي سان زراعت کاتي چيو آهي ته برساتن کان متاثر ٿيندڙ علائقو 80,000 ايڪڙ کان وڌيڪ آهي جنهن تي ٽماٽا پوکيا ويا هئا، ٻئي طرف فصل ۾ دير ۽ سپلاءِ بند ٿيڻ سبب، بدين ٽماٽن جي منڊي ۾ مندي نظر اچي رهي آهي، جتي ڪاروباري سرگرميون مڪمل طور تي بند آهن، زرعي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽماٽر جي آبادگارن کي ٿيندڙ نقصان جو ازالو، مارڪيٽن ۾ ڪاروبار جي بحالي ۽ ٽماٽر جي وڌيڪ اگهن سبب عوام جي مسئلن ۾ گهٽتائي صرف تڏهن ممڪن آهي جڏهن بدين جي نئين فصل مارڪيٽ ۾ پهچندي ۽ ٽماٽر جون قيمتون معمول تي اينديون.










