بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ) ميونسيپل ڪاميٽي جي 14 وارڊن تان غير حتمي نتيجن موجب پي پي پي جا 12 اميدوار ڪامياب ٿي ويا . تحريڪ انصاف ۽ جي ڊي اي جو هڪ هڪ اميدوار ڪاميابي ماڻي ورتي آھي وارڊ نمبر 4 بدين تان پي پي اميدوار سليمان سومرو 888 ۽ جي ڊي اي جي اميدوار رزاق سومرو 768 ووٽ کڻي سگھيو ، وارڊ نمبر 7 تان پي پي اميدوار عاشق علي گوپانگ 763 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ جي ڊي اي جو سليم بجير 276 ووٽ کڻي سگھيو وارڊ نمبر 5 تان پي پي پي جو اميدوار گلزار ميمڻ آزاد اميدوار محمد رحيم اڍيجو کان 48 ووٽ وڌيڪ کڻي ڪامياب ٿي ويو ميونسيپل ڪاميٽي بدين جي غير حتمي نتيجن موجب وارڊ نمبر 2 تي جي ڊي اي مرزا گروپ جي مدثر خاصخيلي مسسز حميدا خاصخيلي کي شڪست ڏني ۽ وارڊ نمبر 9 تان پي پي اميدوار فتح محمد گوپانگ 498ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ۽ جي ڊي اي جي اسلم نوتڪاڻي 408 ووٽ کڻي ھارائي ويو وارڊ نمبر 10 مان پي پي جو مبارڪ سومرو 661ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏھن ته جي ڊي اي جو اميدوار 481ووٽ کڻي سگھيو بدين جي وارڊ نمبر ھڪ تي تحريڪ انصاف جو شاھجھان خاصخيلي پي پي پي اميدوار حاجي الھورايو کان ۽ وارڊ نمبر 11 تي پي پي پي جو پير محمد صالح قريشي جي ڊي اي جي عندالڪريم سومرو کان چونڊ کٽي ويا آهن اھڙي طرح بدين شھر جي چوڏھن وارڊن مان 12 وارڊن تي پي پي پي ۽ ھڪ وارڊ تي تحريڪ انصاف ھڪ وارڊ تي جي ڊي اي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي










